اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغان صدر اشرف غني جي دعوت تي ڪابل جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪيو، آگسٽ 2018ع ۾ وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ سندس افغانستان جو اهو پهريون دورو آهي، وزيراعظم عمران خان افغان صدر اشرف غني سان گذريل ٻن سال?? جي دوران پاڪستان ۽ افغانستا?? جي ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل مقصد?? جي فروغ ۽ افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڪوششن جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان تفصيلي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پڌرنامي موجب وزيراعظم هڪ پرامن، مستحڪم، متحده جمهوري، خودمختيار ۽ خوشحال افغانستا?? جي لاءِ پاڪستا?? جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو?? هن پنهنجي ان پراڻي موقف کي به ورجايو ته افغانستان تڪرار جو ڪو به فوجي حل نه آهي ۽ افغانستان ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ ڳالهي?? جي ذريعي سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي، وزيراعظم عمران خان افغان عوام جي تحفظ لاءِ جنگ بندي ۽ تشدد ۾ گهٽتائي لاءِ سمورين ڌرين تي ضروري قدم کڻڻ تي زور ڏنو?? وسيع البنياد ۽ جامع سياسي حل جي اهميت تي زور ڏيندي وزيراعظم چيو ته امن عمل ۾ افغان عوام جي فيصلن جو احترام ڪري?? هن انهن عنصرن کي به خبردار ڪيو جيڪي امن ڪوششن کي نقصان پهچائي سگهن ٿا.