اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي ماحوليات بابت خاص مددگار ملڪ امين اسلم چيو آهي ته ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني ??اڪ??تان جي لاءِ فخر آهي، ??اڪ??تان 10 لک هيڪٽر ٻيلن جي بحالي جو دنيا سان واعدو ڪيو آ??ي ۽ ان چئلينج کي قبول ڪيو آهي، ??اڪ??تان پاران ايڪو سسٽم جي بحالي جو فلسفو فطرت جو تحفظ ۽ ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ آهي. هو ڪنوينشن سينٽر ۾ ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو جنهن جو خاص مهمان وزيراعظم عمران خان هو ۽ ان تقريب کي دنيا جي وڏن ملڪن جي سربراهن به خطاب ڪيو. ملڪ امين اسلم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ??اڪ??تان کي اهو اعزاز مليو آهي ته هو ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب جي ميزباني ڪري رهيو آهي جيڪو اسان جي لاءِ قابل فخر آهي. هن چيو ته ايڪو سسٽم جي بحالي سان ايندڙ 10 سالن ۾ رخ جو تعين ٿيندو، دنيا جيڪڏهن ان دوران پنهنجو رخ تبديل نه ڪيو ته مستقبل ۾ حالتون مختلف هونديون. هن چيو ته اسان کي ماحول سان جنگ ناهي ڪرڻي پر ان کي پنهنجو دوست بڻائي اڳتي وڌڻو آهي. هن چيو ته ??اڪ??تان ۾ هن وقت تائين 80 هزار ماڻهن کي گرين روزگار سان لڳايو ويو آهي جڏهن ته ان ۾ هن سال 2 لک جو وڌيڪ اضافو ڪنداسين. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو 10 ارب وڻ ??وکڻ جي ويزن تحت هڪ ارب وڻ ??ڳائي چڪا آهيون. هن چيو ته ??اڪ??تان دنيا جو 10 لک هيڪٽر وڻ ??ڳائڻ جو چئلينج قبول ڪيو آهي ان سان نه رڳو دنيا پر اسان جي ايندڙ نسلن کي به فائدو ٿيندو ان پروگرام جي تصديق ٿي چڪي آهي، هن چيو ته ??اڪ??تان ۾ هڪ سال ۾ 15 نوان قومي پارڪس ٺاهي?? ويا آهن جنهن کانپوءِ هاڻي قومي پارڪس سر??س جو آغاز ڪري رهيا آهيون ان تحت زيارت ۾ اڪيڊمي ٺاهي رهيا آهيون اتان کان تربيت حاصل ڪندڙ 15 هزار نوجوانن کي انهن قومي پارڪس ۾ روزگار ڏينداسين،