ا??لا?? آباد – 09 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته احساس پروگرام فلاحي رياست جي قيام جو بنياد آهي، اهو هڪ زبردست قدم آهي، ان پروگرام ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن تحت شاگردن کي ڏني ويندڙ اسڪالرشپس کي هڪ ڊيٽا بيس تي آندو وڃي. هو ستاره مارڪيٽ ا??لا?? آباد ۾ پهرئين ون ونڊو احساس سينٽر ??ي افتتاح جي موقع?? تي خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو، هن چيو ته اهو فلاحي رياست جي طرف هڪ بنيادي قدم آهي، جڏهن انگ اکر دستياب هوندا ته هدفن جو تعين ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. هن ان موقع?? تي ڊاڪٽر ??انيه نشتر ۽ ان جي ٽيم جي ڪارڪردگي کي به ساراهيو. ان موقع?? تي وزيراعظم جي سماجي ڀلائي واري خاص مددگار ڊاڪٽر ??انيه نشتر وزيراعظم کي ون ونڊو سينٽر ۽ احساس ون ونڊو منصوب?? تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اهو پروگرام جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ هوندو جنهن تحت قابل ۽ ضرورتمند شاگردن کي اسڪالرشپس به ڏنيون وينديون.