اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي سڀني مطالبن جي باوجود وزيراعظم عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ بجلي جون قيمتون نه وڌائڻ ۽ 150 ارب روپين جا سڌا ٽيڪس نه لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آ??ي، سڀئي معاشي انگ اکر مثبت آهن، موجوده حڪومت پرڏيهي پاڪستانين کي و??ٽ جو حق ڏيڻ لاءِ اليڪشن ترميمي بل منظور ڪري ورتو آ??ي، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني هن سال جي پهرين 11 مهينن ۾ رڪارڊ 26.7 بلين ڊالر مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان موڪليو. پنهنجي ٽوئيٽ ۽ بلاول جي بيان تي رد عمل ۾ اطلاعات وار?? مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي مان اليڪشن ترميمي بل منظور ٿي و??و، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جي ملڪ جو اثاثو آهن.