اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي ترڪ صدر رجب طيب اردگا?? جي دعوت تي 14 کان 16 آگسٽ تائين ترڪي جو دورو ڪندو. ان دوري دوران صدر ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي معاملن تي تفصيلي خيال?? جي ڏي وٺ ڪندو. ايوان صدر جي ميِڊيا ونگ موجب ٻنهي صدرن استبول ۾ پاڪستان نيوي جي 4 ملجم بحري جهاز?? جي رونمائي تقريب ۾ به شرڪت ڪندا. صدر عارف علوي ميڊيا ۽ ترڪي جي مشهور ڪاروباري شخصيت?? سان ملاقاتون ڪندو. پاڪستان ?? ترڪي جا ڀائراڻا لاڳاپا گڏيل عقيدي، ثقافت ۽ تاريخ تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪ?? جي لاڳاپا هڪٻئي لاءِ احترام ۽ گڏيل اعتماد تي هموار آهن، معاشي رخن تي وڌندڙ ڌيا?? سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري مضبوط کان مضبوط ٿيندي پئي وڃي، پاڪستان ?? ترڪي جي وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا، مختلف معاملن تي رابطا، هڪجهڙي موقف ۽ مضبوط ٻطرفي لاڳاپن جو عڪاس آهن.