اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پارليامينٽ ۾ قانونسازي ڪرڻ، ايوان کي هلائڻ حڪومت ۽ مخالف ڌر ٻنهي جي گڏيل ذم??دا??ي ۽ فرض آهي، مخالف ڌر ڄاڻي ٿي ته هن وقت پوري دنيا جون نظرون پاڪستان جي پارليامينٽ تي آ??ن، مخالف ڌر ضدي ۽ ناراض ٻار جو ڪردار ادا ڪري رهي آ??ي، پارليامينٽ ميمبرن کي پگهار قوم جي پئسن مان ئي ملندو آهي، ان لاءِ کين قومي مفاد ۽ قومي سلامتي جي معاملي تي قانونسازي لاءِ ??ڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، حڪومت تي وڌيڪ ذم??دا??ي آ??ي ۽ وزيرا??ظم عمران خان به چاهي ٿو ته موثر قانونسازي جي ذريعي اهو معاملو پڄاڻي تائين پهچي. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي خاص معاون چيو ته مخالف ڌر ناجائز مطالبا مڃرائڻ لاءِ ??هڙا حربا استعمال ڪري رهي آ??ي.