اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان چيو آهي ته ت??ل جي قيمتن ۾ عالمي منڊين ۾ ٿيندڙ اضافي جي تناسب سان گهٽ اضافو ڪيو ويو آهي، پاڪستان ۾ ت??ل جون قيمتون ڏکڻ ??يشيا ۾ سڀ کان گهٽ آهن، مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ مافياز جي سرپرستي ڪئي وئي آهي ۽ جاچ عمل ۾ رڪاوٽ وڌي وئي. قومي اسيمبلي ۾ ت??ل جي قيمتن ۾ اضافي تي پاليسي بيان ڏيندي هن چيو ته حقيقت اها آهي ته اوپيڪ جي باسڪٽ ق??مت ۾ 48 سيڪڙو اضا??و ٿيو آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ 46 ڏينهن ۾ ت??ل جي قيمتن ۾ 112 سيڪڙو اضا??و ٿيو آهي. ان شرح سان پاڪستان ۾ جيڪو اضا??و ٿيڻو هو اهو ساڍا 41 رپيا بڻجي ٿو جڏهن ته حڪومت پيٽرول جي ق??مت ۾ 41 بدران 25 رپيا ۽ ڊيزل جي ق??مت ۾ 24 رپين بدران 21 رپيا اضافو ڪيو آهي. هن چيو ته ان جي باوجود نه رڳو ننڍي کنڊ پر ڏکڻ ??يشيا جي مقابلي ۾ به پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون گهٽ آهن. هن چيو ته جنوري ۾ پيٽرول جي ق??مت 116.7 رپيا ۽ ڊيزل جي ق??مت 127.26 رپيا هئي. حڪومت پيٽرول جي ق??مت ۾ 42 رپيا ۽ ڊيزل جي ق??مت ۾ 47 رپيا گهٽتائي ڪئي هئي. هن چيو ته موجوده اضافي جي باوجود جنوري جي مقابلي ۾ پيٽرول جي ق??مت 17 رپيا ۽ ڊيزل جي ق??مت 26 رپيا گهٽ آهي. بنگلاديش ۾ پيٽرول 174، چين ۾ 138 ۽ ڀارت ۾ 170 رپيا آهي. فلپائن ۾ 153، جاپان ۾ 196 رپيا في ليٽر آهي. هن چيو ته جنهن وقت عالمي منڊي ۾ ت??ل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي ته حڪومت عوام کي فائدو منتقل ڪيو جڏهن اضا??و ٿيو ته ??سا?? هڪ حد تائين اضافو ڪيو.