اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو 42 هون اجلاس اس??ام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت پاران آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري آرڊيننس 2002ع ۾ تجويز ڪيل ترميم جو جائزو ورتو ويو. گڏيل مفاد واري ڪائونسل پيٽروليم واري وزارت کي ذميواري ڏني ته صوبن کي ريگيوليٽري باڊي جي حوالي سان پنهنجي راءِ ڏيڻ جي لاءِ موزون مڪينزم جي امڪان جو جائزو ورتو وڃي. اجلاس ۾ پنجاب حڪومت پاران چشما رائٽ بئنڪ ڪينال جي هيٺئين حصي جو ڪنٽرول پاڻي وسيلن واري وزارت کان پنجاب حڪومت جي حوالي ڪرڻ جي درخواست جو جائزو ورتو. گڏيل مفادن واري ڪائونسل تجويز سان اتفاق ڪندي ان حوالي سان ارسا، پنجاب حڪومت ۽ خيبرپختونخواهه جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽي ??وڙي جيڪا ان ڏس ۾ طريقيڪار ۽ ٻن صوبن جي وچ ۾ ٻطرفي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيندي. اجلاس ۾ انساني ترقي ۽ بيسڪ ايجوڪيش ڪ??يو??ٽي ??سڪولز بابت قومي ??مي??ن جي مستقبل ۾ ڪردار ۽ ڪم جو پڻ جائزو ورتو ويو. ان حوالي سان اصولي فيصلو ڪيو ويو ته موجوده انساني ترقي ۽ بيسڪ ايجوڪيشن ڪ??يو??ٽي ??سڪولز بابت قومي ??مي??ن، استادن ۽ شاگردن کي وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت کان لاڳاپيل صوبن ۽ علائقن کي منتقل ڪيو وڃي. اهو عمل هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي کان اڳ مڪمل ڪيو ويندو. اجلاس ۾ وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت کي ان حوالي سان صوبن سان مشاورت سان پلان تيار ڪري گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.