اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قوم کي آزادي جي 73 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته قائداعظم جي پاڪستان جي طرف اسان جو سفر شروع ٿي چڪو آهي، هي ا??ڙو پاڪستان هوندو جتي سمورا شهري قانون جي نظر ۾ برابر هوندا، قانوني سڀني جي لاءِ هوندو ۽ پاڪستان هڪ اسلامي فلاحي رياست بڻجندو. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته قوم کي ا?? ڳالهه تي به مبارڪباد ڏيان ٿو ته ماضي جي حڪومتن کان توانائي جو شعبو جيڪ?? اسان کي تباهه ٿيل مليو ان ۾ بهتري آڻي رهيا آهيون، هن ٻڌايو ته ڊگهين ڳالهين کانپوءِ اسان آءِ پي پيز سان هڪ نئون معاهدو ڪيو آهي جنهن سان بجلي جي قيمت به گهٽ ٿيندي ۽ گردشي قرضن جو مسئلو به حل ٿيندو، هن ??يو ته اسان جو ايندڙ هدف بجلي جي ورڇ جي نظام ۾ سڌارا آڻڻ آهي، وزيراعظم ڪشمير ۾ ڀينرن، ڀائرن جي نالي ??يغ??م ۾ چيو ته پوري پاڪستاني قوم خودمختياري واري حق جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهي، ڀارت جي غير قانوني قبضي ۽ ظالماڻي قدمن جي خلاف اسان پنهنجي ڪشمي??ي ڀائرن ۽ ڀينرن جي هر طرح سان حمايت جاري رکنداسين.