اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ?? سي پيڪ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته اورينج لائين ميٽرو لاهور جي لاءِ 250 نوڪرين جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اورينج لائن ميٽرو آپريٽر طرفان سمورين جاين کي لاڳاپيل ويب سائيٽ تي جاري ڪيو ويو آهي، درخواستون ويب سائيٽ تي موڪلي سگهجن ٿيون.