اسلام آباد – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان چيو آهي ته ڪڻڪ ۽ کنڊ عوام جي بنيادي ضرورت آهي تن??ن ڪري انهن جي دستيابي ۽ مناسب قيمت کي يقيني بڻايو وڃي. هو ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ جي دستيابي ۽ قيمتن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. وز??را??ظم ميڊيا آفيس موجب وز??را??ظم کي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي دستيابي جي صورتحال، نجي ۽ سرڪاري سطح تي ڪئي ويندڙ درآمد ۾ هيستائين جي اڳڀرائي تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وئي.