برسلز– 25 جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي خبردار ڪيو آهي ته ايران ۾ ڪنهن به قسم جي عدم استحڪام سان پاڪستان جي سيڪيورٽي ۽ افغانستان ۾ جاري امن عمل تي تباهه ڪن اثر پوندا. ڀارت ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ توازن بگاڙي ۽ علائقائي سلامتي کي داءِ تي لڳائي رهيو آهي. افغانستان ۾ ڀارت جي وڌندڙ اسٽريٽجڪ مداخلت پاڪستان جي سلامتي تي گهرا اثر وجهي رهي آهي. ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار امن ۽ سلامتي قائم ٿيڻ جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن برسلز ۾ يورپي يونين جي سياسي ۽ سلامتي ڪميٽي کي خطاب ڪندي ڪيو.