لاهور – 08 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ته حڪومت، ادارا ۽ عوام گڏجي جهڙي طرح ڪرونا وائرس ۽ ان سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ر??يا آهن ان جي نتيجي ۾ اسان مشڪل مان نڪرڻ ?? ڪامياب ٿي وينداسين، قومون اهڙي قسم جي صورتحال مان سکنديون آهن، جيڪا وبا آئي ڪو به ملڪ ان جي مقابلي لاءِ تيار نه هو، صحت جي شعبي، عملي عملي، پوليس، فوج، رينجرس ۽ عالم سڳورن سميت سمورن جون ان ڏس ۾ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. يونيورسٽي آف ه??لٿ سائنسز لاهور ۾ ٽيلي ميڊيسن سروس جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي صدر تحقيق جي شعبي ۾ يونيورسٽي آف ه??لٿ سائنسز جي نجي شعبي سان حصيداري کي ساراهيو.