پشاور – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخوا جي گورنر، وڏي وزير ۽ لاڳاپيل وزيرن کي صوب?? جي متاثر علائقن جو پاڻ دورو ڪرڻ ۽ سهولتن جي فراهمي کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪورونا وائرس تي ضابطو آڻڻ لاءِ سمورن ??وبن جي ڀرپور مدد ڪري رهي آهي ۽ اهو تعاون جاري ره??دو?? موجوده صورتحال ۾ حڪومت جو ڌيان وبا تي ضابطو آڻڻ سان گڏوگڏ ڪ??زور ۽ لاچار طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ تي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس جي دور?? جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير اسد عمر، مملڪتي وزير شهريار آفريدي، خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، وڏو وزير محمود خان ۽ صحت وارو صوبائي وزير موجود هئا. ان موقعي تي خيبرپختونخوا جي چيف سيڪريٽري ڪورونا وبا جي ڏس ۾ حڪومت جي قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخوا صوب?? جي 6 ضلعن ۾ ڪورونا وائرس جي وبا ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏٺي وئي آهي.