اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي زيدي ۽ حبيب بئنڪ جي چيئرمين سلطان علي الانا ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب حبيب بئنڪ جي چيئرمين سلطان علي الانا وزيراعظم کي ڪورونا وائرس جي صورتحال جي ڏس ۾ عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ موجوده حڪومت پاران ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو معاشي پئڪيج ڏيڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. سلطان علي الانا احساس ايمرجنسي ڪيش ??روگرام انتهائي شفافيت ۽ ميرٽ جي ب??ياد تي هلائڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم احساس ايمرجنسي ڪيش ??روگرام کي مستحقين تائين پهچائڻ ۾ حبيب بئنڪ جي خدمتن ۽ معاونت کي ساراهيو. سامونڊي معاملن واري وزير وزارت جي معاملن خاص طور تي ڪورونا وائرس جي صورتحال ۽ ان دوران بندرگاهن ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن جي حوالي سان مختلف قدم?? تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني.